رجب علي سومرو

رجب علي سومرو

رجب علي سومرو

رجب علي سومرو: سنڌ جي نالي واري والي بال جي رانديگر استاد رجب علي سومري جو جنم 1930ع ڌاري دادوءَ ۾ ٿيو. کيس ننڍپڻ کان ئي والي بال راند سان دلچسپي هئي. 1950ع کان والي بال ٽيم ۾ شامل ٿيو. پهرين مجاهد ڪلب ۽ پوءِ قربان ڪلب سان آخري گھڙيءَ تائين سلهاڙيل رهيو. پيشي جي لحاظ کان استاد هو. سندس راند شروع کان آخر تائين سٺي رهي. نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ بعد راند کيڏڻ تان به هٿ کنيائين. هيءُ مجاهد ڪلب، شاهين ڪلب ۽ قربان ڪلب دادوءَ جو وائيس ڪئپٽن ٿي رهيو. راند طرف خاص ڌيان ڏيندو هو. رجب علي سومرو حڪيم به هو. کيس حڪمت ۾ به ڪافي مهارت حاصل هئي. رٽائرڊ ٿيڻ بعد حڪمت جو دواخانو کوليائين، جنهن ۾ ڪافي نالو ڪمايائين. هيءُ سٺن حڪيمن ۾ ليکيو ويندو هو. آخر تائين حڪمت سان وابسته رهيو.
استاد رجب عليءَ 1995ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ رجب علي سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو